زندگي آزادي ۽ محبت

زندگي آزادي ۽ محبت

زندگي آزادي ۽ محبت

زندگي، آزادي ۽ محبت (ڪتاب): هي ڪتاب نامور قومپرست اڳواڻ ۽ ليکڪ عبدالواحد آريسر جي تحريرن، تقريرن ۽ انٽرويوئن تي مشتمل آهي، جن کي نوجوان ليکڪن بشير آريسر ۽ علي نواز آريسر سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. چار رنگي ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير ڏني وئي آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل تي سائين جي. ايم. سيد جو ليکڪ بابت تاثر ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪل 255 صفحا آهن ۽ قيمت 200 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب سنجها پبليڪيشن، حيدرآباد 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو